حڪيم فتح محمد سيوهاڻي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي [1882ع – 1942ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
حڪيم فتح محمد ولد خليفو ميان محي الدين صديقي، سيوهڻ شريف ۾ 1300 هه مطابق 1882ع ۾ ڄائو. پنهنجي فياضي ۽ فضيلت سببان پوريءَ سنڌ ۾ مشهور هو. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن وڏي ڄاڻ هيس ۽ ساڳئي وقت حديث، تفسير، تاريخ، ادب ۽ شعر و شاعريءَ ۾ پڻ خاص مهارت حاصل ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ جن مڪرم فاضل عالمن جون خدمتون حاصل ڪيائين ؛ انهن مان ؛ مولوي محمد عمر چنو، مولانا عطاءُ الله پيروز شاهي، مولانا عبدالرئوف بختيار پوري ۽ مولانا محمد صديق سولنگي سيتائيءَ جا نالا قابلِ ذڪر آهن. سنڌي ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ صحافت کي به اپنايائين. اصلاحي، سماجي ۽ سياسي مضامين تي مشتمل 1925ع ۾ ”الجامع“ ماهوار رسالو ڪڍيائين؛ جنهن ۾ سنڌي مسلمانن کي جديد علوم جي مفيد معلومات ميسر ڪندو رهيو.
حڪم صاحب تقريباً هڪ ڊزن ڪتاب لکيا آهن. جن ۾؛ ”حيات النبي“، ”اخلاق محمدي“، ”فتح محمدي“، ”احوال حضرت لعل شعباز قلندر“، ”داستان قوم“، ”ابوالفضل ۽ فيضي“، ”تذڪره الايمان“، ”ڪمال ۽ زوال“، ”ميرن جي صاحبي“، ”بهار اخلاق“ ۽ ”آفتاب ادب“ قابل - ذڪر آهن. سندس وفات 1361 هه = 1942ع ۾، ڪراچيءَ ۾ ٿي. وڏو حاذق حڪيم ۽ باشريعت شخص هو. خاص ڪري طب ۾ سندس ثاني ڪو ڇڊو هو.
خداوند ڪريم کيس اهڙي ته وسعت النظري، قلبي ڪشادگي ۽ ذهني بلندگي بخشي هئي، جو پاڻ هڪ مڪمل انسان جي حيثيت سان سنڌ اندر علمي، ادبي ۽ سياسي افق تي چمڪي اڀريو. ازانسواءِ ”تحريڪ خلافت“ ۾، انگريزن جو ڪٽر دشمن بڻجي پيو. مطلب ته حڪيم صاحب، دين ۾ تحريف ڪندڙن جو سخت مخالف، قرآن پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم تي غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن جو داعي ۽ سنڌ ۾ تعليمي، سماجي ۽ سياسي سجاڳي آڻڻ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ولائتي شين کان نفرت ۽ ديسي شين سان وڌ ۾ وڌ پيار هوس.