سنڌ جا نعت خوان


مرحوم جان محمد ابڙو عرف جانڻ فقير جو تعارف
تعارف
مرحوم جان محمد عرف جانڻ فقير ابڙو سنڌ جو مشهور و معروف نعت خوان جنهن جو ثاني نعت خواني ۾ اڃا تائين ڪو نظر نه آيو آهي . پاڻ سنڌ جي مشهور ضلعي دادو سان تعلق رکن ٿا.پاڻ سلسلي طريقت ۾ وقت جي ڪامل ولي پير طريقت رهبر شريعت حضرت علامه مولانا قبله سائين محمد قاسم  مشورين وارن جا دست بيعت ٿيل هئا حضرت قبله سائين فقير سائين جن تي بيحد مهربان هوندا هئا. 12 ربيع الاول درگاهه شريف تي عظيم الشان جلسه منعقد ڪيو ويندو آهي فقير سائين جن تقريبا هر پروگرام ۾ شريڪ هوندا آهن. فقير سائين پوري سنڌ بلوچستان ۾ ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا . آخري دور ۾ فقير سائين جن ڪراچيء ۾ رهائش اختيار ڪئي ڪراچيء کان ايندي ويندي فقير سائين جن تاج مسجد مورو ۾ ضرور تشريف وٺي ايندا هئا اتي اسان سان قرب جون ڪچهريون ڪندا هئا اڪثر هن عاجز کي چوندا هئا ته مون کي نيوروبان جي انجيڪشن توهان لڳايو جو توهان جي انجيڪشن هڻڻ سان مون کي تڪليف نه ٿيندي آهي.
فقير سائين جن جا ڪيترائي نعت خواني ۾ شاگرد به آهن، جن ۾ غلام رسول ٻگهيو ،   حاڪم علي ٻگهيو ، ...... ۽ ٻيا شامل آهن.
فقير سائين تي نعت خواني جي صدقي محبوب مدني تاجدار آقاء نامدار صلي الله عليه وسلم جن جي خاص عنايت هئي جو تا دمِ حيات محبوب جي ثنا خواني ڪندا رهيا ايتري تائين جو سندن وصال به هڪ نعت خواني جي پروگرام تي ٿيو. سندن اولاد به نيڪ صالح آهي. سائين جن جي وڏي فرزند جو نالو نالي مٺو آهي، سندن ٻئي نمبر فرزند جو نالو نور احمد آهي هن وقت سندن پراڻيون يادون گڏ ڪرڻ ۾ سندن فرزند نور احمد تمام گهڻي ڪوشش ڪري رهيو آهي الله تعاليٰ مرحوم کي محبوبن جي محبت جي طفيل جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندن اهل و عيال کي شاد و آباد رکي.
آمين ثم آمين.

دعائن جو طالب مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو